عروض جا اهڃاڻ

عروض جا اهڃاڻ

عروض جا اهڃاڻ

عروض جا اهڃاڻ (ڪتاب): علم عروض جي فني پيچيدگين ۽ سمجهاڻين تي مشتمل هيءُ ڪتاب ناليواري اديب ۽ عروض جي ڄاڻو عبدالقيوم صائب جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ علم عروض جي اهميت، عروض جي ايجاد، اوزان يا ارڪان، بحرن جو بيان، دائرن جو بيان، خاص زحاف، مفرد بحرن جو بيان، مرڪب بحرن جو بيان، عروض تي چيل ڪافيون وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ رباعيءَ جي اوزان جو نقشو، مختلف اوزان جو بحر وار نقشو پڻ شامل آهي. هي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آهي. پهريون ڇاپو 1983ع ۾ شايع ٿيو. 480 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جو هيءُ ٻيو ڇاپو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو. جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو